خرچ ڪرڻ کان اڳ زال کان اجازت گهرندو آهيان: شاهد ڪپور

ممبئي (شوبزنيوز)بالي ووڊ سپر هٽ اسٽار شاهد ڪپور پنهنجي شادي شده زندگيءَ جو دلچسپ اعتراف ڪيو آهي.شاهد ڪپور بالي ووڊ جي انهن دلير اداڪارن مان هڪ آهي جيڪو پنهنجي خانگي زندگي کي مداحن سان شيئر ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي بيزاري محسوس نه ڪندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس مداح کانئس متاثر آهن.ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ تازي انٽرويو ۾ شاهد ڪپور چيو ته شادي کان اڳ جتي دل چاهي اتي پئسا خرچ ڪندو هو پر هاڻي خانداني ماڻهو آهيان.اداڪار چيو ته مون کي ٻه ٻار آهن، مون کي هڪ زال آهي، خرچ ڪرڻ کان اڳ مون کي ان کان اجازت وٺڻي آهي.”جيئن اسان پنهنجي ضرورتن کي پئسن سان پورو ڪريون ٿا، ان جي اهميت کي سمجهڻ گهرجي. هندستان ۾ تقريبن هر گهر ۾ پئسن تي تڪرار آهي،” هن وڌيڪ چيو.شاهد ڪپور انڪشاف ڪيو ته ”منهنجو پيءُ (پنڪج ڪپور) پنهنجي زال کان بهتر کاڌو پچائيندو آهي، تنهن ڪري ٻنهي ۾ ڪڏهن ڪڏهن جهيڙا به ٿيندا آهن.ياد رهي ته شاهد ڪپور ۽ ميرا راجپوت جولاءِ 2015 ۾ شادي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو