گهوٽڪي (ن س) گھوٽڪي ڀرسان مال جي چوري تان جاگيراڻي ۽ لولائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، 5 زخمي.
گھوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ مال جي چوري تان جاگيراڻي ۽ لولائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو. ٻنهي ڌرين هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب جاگيراڻي برادري جا 2 ڄڻا نورل جاگيراڻي ۽ ھدايت الله جاڳيراڻي قتل ٿي ويا.
فائرنگ سبب لولائي برادري جا راحب لولائي، مھر لولائي، شيرل لولائي سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي گهوٽڪي جي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو جن کي طبي امداد ڏيڻ بعد سکر ريفر ڪيو ويو. ھوڏانهن واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو










