نئين سال جي بجيٽ، جون جي پهرين هفتي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو

نئين سال جي بجيٽ، جون جي پهرين هفتي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نئين مالي سال 2025-26 جي بجيٽ جون جي پهرين هفتي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، عيدالاضحيٰ کي نظر ۾ رکندي پارليامينٽ جو بجيٽ اجلاس وقت کان اڳ سڏائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نئون بجيٽ 5 جون کان اڳ پارليامينٽ ۾ پيش ٿي سگهي ٿو. نئين بجيٽ جي منظوري جو عمل عيد جي موڪلن کان فوري پوءِ شروع ٿيندو.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ تي آءِ ايم ايف سان صلاح مشورا ڪيا ويندا. آءِ ايم ايف جو مشن مئي جي ٻئي هفتي دوران پاڪستان پهچندو. بجيٽ هدفن تي آءِ ايم ايف کان منظوري ورتي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو