ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس (CGA) اسلام آباد جي هدايتن ۽ سنڌ حڪومت جي مدد سان، صوبي جي مالي انفراسٽرڪچر ۾ وڏي پيشرفت ٿي آهي. اڪائوئنٽنٽ جنرل سنڌ ۽ سمورن ضلعي اڪائونٽس آفيسن ۾ جديد ERP جي نظام SAP S/4HANA کي ڪاميابي سان نافذ ڪيو ويو آهي. هن جديد نظام تحت، سرڪاري مالي معاملن جي ڏي وٺ، پينشن ۽ پگهار جي ادائيگيون پهريان کان وڌيڪ شفاف، تيز ۽ وڌيڪ ڪارآمد طريقي سان ممڪن ٿي سگهنديون. اعليٰ حڪام جي مطابق، نئين نظام سان نه صرف ڪم جي رفتار کي بهتر بڻائيندو پر پينشنرز ۽ سرڪاري ملازمن کي به وقت تي ادائيگي جو فائدو حاصل ٿيندو.هي منصوبو ڊائريڪٽوريٽ FABS جي TMC جي حصيداري سان CGA جي هدايتن مطابق مڪمل ڪيو ويو. سنڌ جي ناڻي واري کاتي سمورن لاڳاپيل کاتن کي نئين نظام بابت ضروري هدايتون جاري ڪيون آهن. SAP S/4HANA جو نفاذ سنڌ صوبي ۾ ڊجيٽل گورننس جي طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي، جيڪو مالي نظم و ضبط ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي ۾ وڌيڪ بهتري جو سبب بڻجندو.










