مالي (ويب ڊيسڪ)مالديپ جي پارلياماني چونڊن ۾ پيپلز نيشنل ڪانگريس پارٽي، چين نواز پارٽي، وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.اليڪشن ڪميشن موجب صدر ميوزو جي پيپلز نيشنل ڪانگريس پارٽي 93 مان 65 سيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته مخالف مالديپ ڊيموڪريٽڪ پارٽي رڳو 12 سيٽون حاصل ڪري سگهي.خبرون ڏيندڙ اداري موجب صدر مائوزو جي پارٽي جي فتح سان بيجنگ وچ ۾ لاڳاپن جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي، جيڪو مالديپ، چين ۽ ڀارت لاءِ خطي ۾ تسلط لاءِ خاص اهميت رکي ٿو.خبر ايجنسي جو چوڻ آهي ته گذريل سال صدر مائيزو ملڪ جي ’انڊيا فرسٽ‘ پاليسي کي ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو.حڪومت مقامي طور تي مقرر درجنين ڀارتي فوجين کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي.










