ماسڪو ۾ حساس اداري جي عمارت ۾ باهه، 7 ڄڻا سڙي فوت

ماسڪو ۾ حساس اداري جي عمارت ۾ باهه، 7 ڄڻا سڙي فوت

ماسڪو (ويب ڊيسڪ)روس جي راڄڌاني ماسڪو ۾ هڪ حساس تحقيقي اداري جي عمارت ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.پرڏيهي خابرو اداري موجب ماسڪو ۾ واقع هڪ حساس تحقيقي اداري پلاٽن ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي عمارت ۾ باهه لڳي وئي، جيڪو روس جو اهم دفاعي اليڪٽرانڪس پروڊيوسر ۽ ريسرچ سينٽر آهي.رپورٽن مطابق عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب 7 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، باهه لڳڻ جي واقعي دوران سڀ کان وڌيڪ زخمي عمارت ۾ دونھون ڀرجڻ سبب ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو