نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)مائيڪرو سافٽ جي سرور ۾ خرابي سبب سڄي دنيا ۾ فلائيٽس جو شيڊول، خابرو ۽ ڪاروباري ادارن جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي ويو، ڪيتريون ئي اڏامون ملتوي، آسٽريليا، آمريڪا، برطانيا ۽ ڀارت ۾ بينڪس، ميڊيا هائوسز، اسٽاڪ مارڪيٽس ۽ سرڪاري ادارن جو نظام درهم برهم ٿي ويو مائيڪرو سافٽ سروس جي بندش سبب آمريڪا، آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪيتريون ئي اڏامون ملتوي ٿي ويون مائيڪرو سافٽ ڪمپني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سروس جي بندش جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪري رهيا آهيون










