مائنس ون مڃي وٺو، ٻئي صورت ۾ پي ٽي آءِ مائنس ٿي سگهي ٿي

مائنس ون مڃي وٺو، ٻئي صورت ۾ پي ٽي آءِ مائنس ٿي سگهي ٿي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته مائنس ون مڃي وٺو ٻئي صورت ۾ پوري پاڪستان ۾ تحريڪ انصاف مائنس ٿي سگهي ٿي، هاڻ ايڪشن تي ڊبل ري ايڪشن سامهون ايندو، پي ٽي آءِ جا ماڻهو اقتدار ۽ پئسي جي جنگ وڙهي رهيا آهن.نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو سرنڊر ڪري چڪا آهن، باني جي ڀينرن اهو ڪم ڪري ڏيکاريو جنهن جي حڪومت کي به خبر نه هئي، ڀينرن ٻڌائي ڇڏيو ته ملاقات نه ٿئي ها ته پي ٽي آءِ باني جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وڃي ها.فيصل واوڊا چيو ته پي ٽي آءِ جي مشهوري هاڻ ختم ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ وارن کي ملڪ سان محبت نه آهي. هن اهو به چيو ته هڪ نئون سياسي لفظ اچي ويو آهي پر هاڻ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اڄ کان ترقي جو مرحلو شروع ٿي ويندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو اقتدار ۽ پئسن جي جنگ وڙهي رهيا آهن انهن کي ملڪ سان محبت نه، اهو سياستدان جو پنهنجو جهيڙو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو