شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور لکيدر ٿاڻي جي حد شاهي باغ وٽ زمين جي معاملي تان لهر برادري جي ٻن ڌرين ويرم لهر ۽ جونهر لهر جي وچ فائرنگ، گوليون لڳڻ سبب ٽي ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي.تفصيل موجب:شڪارپور لکيدر ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا زخمي، زخمي زخمن جا سور نه سھندي فوت، لوهر برادري جي ٻن ڌرين جو جرڳو ٿيو هو جرڳي ۾ مارجي ويل ڌر تي 5 لک روپيه ڏنڊ مقرر ٿيو هو جنھن جي رقم اڌ ادا ڪئي وئي هئي اڌ رقم ادا نه ڪرڻ تان ٻي ڌر فائرنگ ڪري 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، قتل ٿيلن ۾ ويرم لهر ڌر جا ٻه سڳا ڀائر پوليس اهلڪار نادر لهر سندس ڀاء مرزا ولد آدم لهر شامل جڏهن ته جونهر لهر جي ڌر جو شڪيل احمد لهر مارجي ويو آهي ۽ ويرم لهر ڌر جو تاج محمد سخت زخمي ٿيو آهي،فوتين جا مڙه سول اسپتال پهچايا ويا جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.پوليس موجب زمين جي مالڪي تان جهيڙو هلندڙ هيو جنهن جو لهر برادري جي چڱي مڙس سهڻي خان لهر وٽ فيصلو ٿيو هيو جنهن ۾ ويرم ڌر مٿان پنج لک چٽي پئي هئي جنهن مان ويرم ڌر اڍائي لک ادا ڪيا ۽ بقايا رقم نه ڏيڻ تان جهيڙو ٿيو آهي.ٻئي پاسي فوتين جا لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو آهي.










