لينڊ مافيا خلاف جاري ڪارروائين کي وڌيڪ تيز  ڪرڻ جو حڪم

لينڊ مافيا خلاف جاري ڪارروائين کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ ڪاروباري برادري ۽ عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي۔ قبضن جي خاتمي ۽ لينڊ گريبنگ خلاف قائم ڪميٽي جو چوٿون اجلاس منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ قبضا مافيا ۽ زمين جي خالي ڪرائڻ سان لاڳاپيل 21 ڪيسن جو پوائنٽ ٽو پوائنٽ جائزو ورتو ويو ۽ ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون۔ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 21 ڪيسن مان 6 ڪيس حل ڪيا ويا آهن۔ اجلاس دوران قبضن ۽ زمينن تي غير قانوني قبضا خلاف جاري قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته ڪاروباري برادري کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ مختلف تجويزون پڻ غور هيٺ آنديون ويون۔ سنڌ جي گهرو وزير هدايت ڪئي ته شهر ۾ شڪايتن ۾ ملوث لينڊ مافيا خلاف جاري ڪارروائين کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ قبضا مافيا خلاف بنا امتياز ۽ مؤثر آپريشن هر سطح تي يقيني بڻايو وڃي۔ هن ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته لکت ۾ ڏنل شڪايتن تي ڪنهن به قسم جي دير نه ڪئي وڃي ۽ فوراً انهن جو جائزو ورتو وڃي۔ وڌيڪ اهو ته سرڪاري ۽ نجي زمينن تي غير قانوني قبضا ختم ڪرڻ لاءِ واضح ذميواريون مقرر ڪيون وڃن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وڌيڪ متحرڪ بڻايو وڃي۔ سنڌ جي گهرو وزير زور ڏنو ته لينڊ گريبنگ ۽ قبضا مافيا خلاف آپريشن، زمين خالي ڪرائڻ ۾ شفافيت، احتساب ۽ اداري هم آهنگي کي هر صورت يقيني بڻايو وڃي۔ هن چيو ته شهرين جي شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ مؤثر نظام لازمي آهي ۽ اجلاس جي فيصلن تي عملدرآمد لاءِ واضح لائحه عمل تيار ڪيو وڃي۔ ڪمشنر ڪراچي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته قبضا مافيا خلاف جاري آپريشنز جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ان حوالي سان باقاعدي اجلاس منعقد ڪيا پيا وڃن۔ هن ٻڌايو ته سموري ضلعي انتظاميه قبضن جي خاتمي مهم ۾ وڌيڪ متحرڪ آهي ۽ شهر ۾ سرڪاري زمين جو تحفظ هر صورت يقيني بڻايو ويندو۔ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته قبضا ختم ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي۔ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو ته لينڊ مافيا ۽ قبضا گروپن خلاف پوليس ڪارروائين کي وڌيڪ مؤثر بڻايو پيو وڃي۔ سمورن فيلڊ آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته قبضا مافيا خلاف بنا امتياز قانوني ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي۔ هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ ضلعي انتظاميه وچ ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو، جڏهن ته پوليس، ڪمشنر ڪراچي ۽ واپاري برادري وچ ۾ ويجهو رابطو برقرار آهي۔ اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري گهرو سنڌ اقبال ميمڻ، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو، اينٽي ڪرپشن ۽ گھرو کاتي جا نمائندا، ڪاروباري برادري جا نمائندا، چيئرمين آباد، صدر ڪي سي سي آءِ، ايف پي سي سي آءِ جي اينٽي ڪرپشن ڪميٽي جا ميمبر سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي۔ واپاري برادري اجلاس جي انعقاد ۽ ان جي مقصدن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ڪاروباري طبقي کي درپيش مسئلن ۽ شڪايتن تي بروقت ردعمل ۽ پوليس جي سهڪار قابلِ تعريف آهي۔ هنن چيو ته امن قائم ڪرڻ ۽ عوامي مفاد جي قدمن ۾ هو حڪومت سان گڏ آهن۔

پهنجو تبصرو موڪليو