ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ لياري گينگ وار جي ڀتا خورن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي.ايس آءِ يو عملدارن موجب، ڪارروائي ۾ بين الصوبائي منشيات جي اسمگلنگ ڪندڙ گينگ جي ٻن اهم ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو.ايس ايس پي ايس آءِ يو جو چوڻ آهي ته گرفتار شڪي ماڻهن کان وڏي مقدار ۾ ڀنگ هٿ ڪئي وئي آهي ۽ انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف ماڙي پور مچھر ڪالوني ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.










