لياري ٽرانسفارميشن منصوبي کي چار سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو

لياري ٽرانسفارميشن منصوبي کي چار سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) لياري ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ جو باقاعده افتتاح ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي۔ 25 ارب 28 ڪروڙ رپين جي لاڳت واري هن منصوبي ۾ رستا، نيڪال جو نظام (سيوريج)، پاڻي جي فراهمي ۽ خوبصورتي جا منصوبا شامل آهن۔ عملدارن موجب منصوبو چار سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته پهرئين مرحلي تي ڪم جي شروعات ٿي چڪي آهي۔ لياري ۾ ٿيل افتتاحي تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن، پارٽي اڳواڻن، بلدياتي نمائندن ۽ علائقي جي رهواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ تقريب کي خطاب ڪندي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته لياري ڪراچي جو هڪ اهم ۽ تاريخي علائقو آهي، جنهن کي ماضي ۾ نظرانداز ڪيو ويو، پر موجوده حڪومت ان جي مڪمل بحالي ۽ ترقي لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي۔ هن چيو ته لياري ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ علائقي جي پراڻن مسئلن جي حل ڏانهن هڪ اهم قدم آهي ۽ ان سان شهرين جي زندگي جي معيار ۾ نمايان بهتري ايندي۔ عملدارن موجب هن ميگا منصوبي جي مجموعي لاڳت 25 ارب 28 ڪروڙ رپيا آهي ۽ ان کي چار سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته 2029 تائين ان جي تڪميل متوقع آهي۔ منصوبي جو پهريون مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ بنيادي ڍانچي جي بحالي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي۔ منصوبي تحت لياري ۾ جديد طرز جا رستا تعمير ڪيا ويندا ۽ سڄي علائقي ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ويندو ته جيئن ٽريفڪ جي مسئلن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي۔ ان سان گڏ صاف پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ نيون واٽر لائينون وڇايون وينديون ۽ پراڻين لائينن جي مرمت ڪئي ويندي ته جيئن پاڻي جي کوٽ جو مستقل حل نڪري سگهي۔ نيڪال جي نظام جي بهتري به منصوبي جو اهم حصو آهي، جنهن تحت نيون سيوريج لائينون وڇايون وينديون ۽ موجوده نظام کي اپگريڊ ڪيو ويندو ته جيئن برساتن دوران پاڻي بيهڻ جي مسئلي کي ختم ڪري سگهجي۔ ساڳي ريت برساتي نالن جي صفائي ۽ بهتري لاءِ به جامع قدم کنيا ويندا۔ منصوبي ۾ زمين هيٺ ڪيبلن جي بهتر ترتيب پڻ شامل آهي، جنهن سان نه صرف بجلي جي نظام ۾ بهتري ايندي پر علائقي جي مجموعي خوبصورتي ۾ به اضافو ٿيندو۔ ان سان گڏ لياري لاءِ هڪ جامع بييوٽيفڪيشن پلان پڻ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تحت پارڪن، گرين بيلٽن ۽ ٻين عوامي هنڌن کي بهتر بڻايو ويندو۔ تقريب جي پڄاڻي تي وزير بلديات لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز رکي وڃي ۽ معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو وڃي ته جيئن مقرر وقت اندر منصوبو مڪمل ٿي سگهي ۽ لياري جي عوام کي ان جا فائدا جلد ملي سگهن۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو