اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ مائع قدرتي گئس (ايل اين جي) جا ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب وفاقي حڪومت مئي ۽ جون ۾ 6 ايل اين جي ڪارگوز جي اسپاٽ پرچيز جا ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن. پيٽروليم ڊويزن جي ڪمپني پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ طرفان ايل اين جي جي اسپاٽ پرچيز لاءِ بوليون طلب ڪيون ويون آهن، جيڪي 21 اپريل تي کوليون وينديون.










