لنڊن ۾ سانا جي پهرين عالمي سنڌي ڊائسپورا ڪانفرنس

لنڊن ۾ سانا جي پهرين عالمي سنڌي ڊائسپورا ڪانفرنس

لنڊن(ويب ڊيسڪ) سنڌي ايسوسي ايشن آف نارٿ آمريڪا (SANA) جي اهتمام هيٺ لنڊن جي مرڪز ۾ پهرين “انٽرنيشنل سنڌي ڊائسپورا ڪانفرنس” ڪاميابيءَ سان منعقد ٿي. هي تاريخي ميڙاڪو رڳو هڪ تقريب نه پر عالمي سطح تي سنڌي قوم جي اتحاد، بقا ۽ ترقيءَ لاءِ هڪ جامع چارٽر طور سامهون آيو آهي. ڪانفرنس ۾ آمريڪا، ڪينيڊا، يورپ، جاپان، خليجي ملڪن ۽ پاڪستان مان ممتاز دانشورن، سياستدانن، سماجي اڳواڻن ۽ ٽيڪنوڪريٽس شرڪت ڪري ثابت ڪري ڇڏيو ته سنڌي ڊائسپورا هاڻي هڪ منظم عالمي قوت بڻجي چڪو آهي.
روحاني ۽ ثقافتي آغاز
ڪانفرنس جي شروعات سانا ادبي ڪميٽي جي چيئرمين اسحاق تنيو پاران شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائيءَ جي پُرسوز پيشڪش سان ٿي، جنهن هال ۾ هڪ سحر انگيز روحاني ماحول پيدا ڪري ڇڏيو.
قيادت جو خطاب ۽ ويزن
ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو (صدر سانا): هن پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته بدلجندڙ دنيا ۾ پنهنجي ثقافتي پاڙن کي برقرار رکڻ نئين نسل جي بقا لاءِ اڻٽر آهي. هن لنڊن کي هن ڪانفرنس لاءِ موزون ترين هنڌ قرار ڏيندي ان کي سنڌي برادريءَ لاءِ ميل جو پٿر قرار ڏنو.
اسد علي شيخ (جنرل سيڪريٽري سانا): آجيان واري خطاب ۾ هن واضح ڪيو ته هن ڪانفرنس جو مقصد جاگرافيائي حدن کان مٿانهون ٿي هڪ اهڙي عالمي برادري جوڙڻ آهي جيڪا پنهنجي تاريخ ۽ ورثي سان جڙيل هجي.

Photo Social Media

حميد ڀٽو جي انقلابي تجويز “انٽرنيشنل پارليامينٽ”
پاڪستان ايڪسيلينس ڪلب جي چيئرمين حميد ڀٽو ڪانفرنس ۾ هڪ مضبوط سياسي وژن پيش ڪيو. هن روايتي نعرن جي بدران “انٽرنيشنل سنڌي پارليامينٽ” جي قيام جي تجويز ڏني، جنهن ۾ عالمي سطح جا سنڌي ٽيڪنوڪريٽس ۽ ماهر شامل هجن. سندس چوڻ هو ته دنيا هاڻي خيرات سان نه پر سياسي لابي، وژنري ليڊرشپ ۽ ڪاروباري سرگرمين سان هلندي آهي.
عالمي نمائندگي ۽ اهم پيغام
ڪانفرنس ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو: اين ڪلارڪ (برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر): سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کي انسانيت جو گڏيل ۽ عظيم ورثو قرار ڏنو.
شاھده شيخ (نائب صدر سانا): نئين نسل کي تهذيبي قدر منتقل ڪرڻ ۾ عورتن جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. ڊاڪٽر عبدالرئوف شيخ (سانا ڪينيڊا): سنڌي قوم جي قديم تجارتي رستن ۽ علمي فضيلت تي روشني وڌي. اصغر پٺاڻ (نائب صدر سانا): تجويز ڏني ته سنڌي گڏجي عالمي سطح تي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪن. آڪاش ڪي راماڻي (فنانس سيڪريٽري سانا): جنيوا ۾ گڏيل قومن جي اداري ۾ سنڌ جي انساني حقن لاءِ جاري جدوجهد جو احوال پيش ڪيو. روهت ڪمار (صدر سنڌي ايسوسي ايشن آف يورپ): يورپ ۾ رهندڙ شاگردن جي علمي سفارتڪاري ۽ خليجي ملڪن ۾ سنڌي برادري جي سماجي سرگرمين تي ڳالهايو.
شرڪت ڪندڙ ۽ وفد
هن ڪانفرنس ۾ سنڌي ايسوسي ايشن آف يورپ، جاپان، مسقط، برطانيا، سنڌي ڊاڪٽرز ايسوسي ايشن ۽ سنڌ واسين سميت ڪيترن ئي تنظيمن شرڪت ڪئي. ممتاز شخصيتن ۾ ڊاڪٽر قادر سرڪي، علي حسن ڀٽو، حسن مجتبىٰ، ظفر آغا، مجیب جیم بھٹو، زاھد میاں بھٹو ، بئريسٽر شاهد سومرو، ڊاڪٽر علي گل ميتلو، شاهه بخش لاشاري، محمود ڏاهري، ڊاڪٽر ذوالفقار خواجا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
ڪانفرنس جي پڄاڻي روايتي سنڌي موسيقي ۽ “هوجمالو” جي رقص تي ٿي، جنهن ۾ تمام وفدن هڪ ٻئي جو هٿ هٿ ۾ ڏئي اتحاد جو ثبوت ڏنو. شرڪت ڪندڙن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ سنڌ جي حقن لاءِ عالمي سطح تي گڏيل جدوجهد جاري رکي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو