لنڊن ٿيٽر ملتوي ٿيڻ تي احد رضا مير مايوس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب جتي دنيا جون سڀ انڊستريز متاثر ٿيون آهن اُتي انٽرٽينمينٽ جي دنيا به بري طرح متاثر ٿي آهي. ڪجهه فنڪارن آن لائن ڪمايو آهي ته ڪيترائي نقصان ۾ به ويا آهن. لنڊن ۾ رٿيل هيمليٽ ٿيٽر ملتوي ٿيڻ سبب احد رضا مير مايوس آهي. (ڊي ٽريجڊي آف هيمليٽ پرنس آف ڊنمارڪ) ڪورونا وائرس سبب ملتوي ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ احد رضا مير کي اداڪاري ڪرڻ هئي. هو ان کان اڳ اي گهوسٽ اسٽوري ۾ اداڪاري ڪري ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو