لاڪ ڊائون سان ماڻهو بک مرندا، معيشت تباهه ٿيندي، عمران خان

لاڪ ڊائون سان ماڻهو بک مرندا، معيشت تباهه ٿيندي، عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ لاڪ ڊائون جو مطلب ماڻهن کي بُک مارڻ ۽  ملڪي معيشت کي تباهه ڪرڻ برابر آهي.  سوچيل سمجهيل اپائن سان صورتحال مان نڪرڻو پوندو، وزيراعظم عمران خان عوام سان ٽيليفون تي لائيو ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو تھ سنڌ حڪومت جي ڪوشش هئي ته لاڪ ڊائون ڪريون، سنڌ سرڪار کي رڳو ايترو چئون ٿا ته لاڪ ڊائون ڪرڻ وقت ماڻهن جي بُک ۽ ڏکيائين کي ذهن ۾ رکو، لاڪ ڊائون سان غريب ۽ پورهيت طبقو متاثر ٿئي ٿو، غريبن تائين خوراڪ پهچائڻ جا وسيلا ئي نه آهن ته لاڪ ڊائون ڪيئن ٿا لڳائي سگهون، ڀارتي ويريئنٽ ڊيلٽا سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، ٻارن ۽ استادن کي ويڪسين لڳائڻ تائين تعليمي ادارا نه کولڻ گهرجن، ڪورونا جو هڪ ئي علاج آهي ته ويڪسين لڳرايو، حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ويڪسين جي ڪابه کوٽ نه ٿئي. عمران خان چيو آھي تھ سنڌ سرڪار ڏنگي ۽ بُنڊاڙ ٻيٽ تي شهر اڏڻ نٿي ڏئي، ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ سان سنڌ کي ئي فائدو ٿيندو، سمجهه ۾ نٿو اچي ته سنڌ سرڪار شهر اڏڻ کان انڪار ڇو ڪيو؟ وزيراعظم عمران خان اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ٻن خاندانن بيدردي سان ملڪي ناڻيو لٽيو ۽ ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو، انهن ماڻهن نيب جيان ٻيا ادارا به تباهه ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي ساڳئي نيب پهريون دفعو وڏين مڇين کي پڪڙيو آهي، اُن تي اپوزيشن جون رڙيون نڪري ويون، عوام سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ ناري نور مقدم جي قتل وارو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، پهرئين ڏينهن کان ڪيس کي پاڻ ڏسي رهيو آهيان، پڪ ڏياريان ٿو ته قاتل ڪيترا به بااثر هجن، پر اُهي نه بچي سگهندا، افغان سفير جي ڌيءُ سان پيش آيل واقعي جي هڪ هڪ شئي کي به پاڻ ڏٺو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو