ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) لاڙڪاڻو پوليس ڪراچي جي سرجاني ٽائون علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي هڪ بدنام ڪار لفٽر کي گرفتار ڪري ورتو.ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري چيو ته گرفتار ڪار لفٽر عمير عزيز آرائين شهرين کي ڪروڙين رپين جي ڌوڪو ڏيڻ کان علاوه لينڊ مافيا جو ڪارڪن پڻ آهي. جوابدار لاڙڪاڻي جي چانڊڪا پل علائقي مان هڪ ريو ڪار به چوري ڪئي هئي، جنهن جي سي سي ٽي وي فوٽيج موجود آهي.هن چيو ته گرفتار جوابدار ڪراچي سميت ڪيترن ئي ضلعن جي پوليس کي چوري ۽ فراڊ جي درجن کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل آهي. جوابدار کي لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين ساٿين بابت جاچ جاري آهي.










