لاڙڪاڻو (ن س ) لاڙڪاڻو بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻي پاران نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا سالياني امتحان 7 اپريل کان شروع ڪرڻ جو حتمي اعلان ڪيو ويو آهي. انهن امتحانن ۾ لاڙڪاڻو ريجن جا هڪ لک 13 هزار 700 شاگرد ۽ شاگردياڻيون شرڪت ڪندا، جنهن لاءِ ريجن جي مختلف ضلعن ۾ 195 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻو بورڊ جي چيئرمين خالد حسين مھر ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر رشيد مسعود سان ملاقات ڪري امتحاني انتظامن کي حتمي شڪل ڏني. ملاقات دوران ڪمشنر لاڙڪاڻو هدايت ڪئي ته امتحانن دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سخت سيڪيورٽي فراهم ڪن، خاص طور تي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي جي امتحاني مرڪزن تي سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا وڃن. ڪمشنر لاڙڪاڻو ريجن جي پنجن ئي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي حڪم جاري ڪيا آهن ته امتحانن دوران ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن. ان مقصد لاءِ ڊي سي آفيسن ۾ اسپيشل ڪنٽرول سيل قائم ڪرڻ سان گڏ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي ويجيلنس ٽيمون پڻ جوڙيون ويون آهن جيڪي امتحاني مرڪزن جو اوچتو دورو ڪنديون. ٻئي طرف سيپڪو انتظاميه کي پڻ سختي سان پابند ڪيو ويو آهي ته امتحانن جي وقت دوران امتحاني مرڪزن تي بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي ته جيئن شاگردن کي پرچا حل ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش نه اچي. بورڊ انتظاميه موجب امتحانن جي شفافيت کي برقرار رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.










