اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سموري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم شهباز شريف ڪلاچي، ضلع ڊيره اسماعيل خان ۽ دته خيل، ضلع اتر وزيرستان ۾ فتنته الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ٻن مختلف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف انهي آپريشن ۾ فتنته الخاارج جي 15 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته عزم استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي.وزيراعظم چيو ته سموري قوم دهشتگردي جي خلاف انهي جنگ ۾ پاڪستان جي فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي اسان ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.










