قاسم آباد،رهائشي گهر ۾ باهه،  ٽي ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا

قاسم آباد،رهائشي گهر ۾ باهه، ٽي ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا

حيدرآباد (ن س)قاسم آباد ۾ رهائشي گهر ۾ باهه، ٽي ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، قاسم آباد فيز ون ۾ علي پيلس ڀرسان هڪ رهائشي گهر ۾ باهه لڳڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو۔ اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيم فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ پيشوراڻي مهارت سان باهه تي ضابطو آندو۔باهه وسائڻ بعد کولنگ جو عمل به مڪمل ڪيو ويو، جڏهن ته متاثر ماڻهن جي ڳولا جاري رکي وئي۔افسوسناڪ طور هن واقعي ۾ ٽي ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، جن ۾ هڪ مرد ۽ ٻه عورتون شامل آهن۔ ابتدائي ڄاڻ موجب باهه جي شدت سبب گهر ۾ گهڻو دونهون ڀرجي ويو، جنهن ڪري ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿيڻ سبب فوتگيون ٿيون۔ريسڪيو عملي فوتين جا لاش ضابطي جي ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيا، جڏهن ته هڪ مرد ۽ هڪ عورت کي زخمي حالت ۾ طبي امداد پڻ فراهم ڪئي وئي۔ گهر جي مالڪ جي سڃاڻپ محمد نديم صديقي طور ٿي آهي، جڏهن ته واقعي جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي۔ عيني شاهدن موجب گهر جو دروازو کولڻ سان ئي اندر باهه لڳل هئي۔

پهنجو تبصرو موڪليو