ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بينڪ جي پڌرائيءَ موجب سڄي ملڪ ۾ بينڪون ۽ ٻيا مالياتي ادارا 25 ڊسمبر تي بند رهندا.واضح رهي ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ 25 ڊسمبر اربع تي عام موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. 25 ڊسمبر تي قائداعظم ڏهاڙو سرڪاري سطح تي ملهايو ويندو، جڏهن ته عيسائي برادري ڪرسمس تهوار ملهائيندي.










