پاڪستان ۽ لبيا ۾ دفاعي تعاون وڌائڻ تي اتفاق

پاڪستان ۽ لبيا ۾ دفاعي تعاون وڌائڻ تي اتفاق

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ليبيا جو سرڪاري دورو ڪيو جتي پاڪستان ۽ ليبيا جي وچ ۾ دفاعي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير کي ليبيا پهچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. هن ليبيا جي ڪمانڊر ان چيف خليفا حفتر سان ملاقات ۾ دفاعي تعاون جي پنهنجي عزم کي ورجايو.ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي فوجي قيادت وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي، صلاحيت وڌائڻ ۽ تربيتي تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ علائقائي سلامتي ۽ باهمي دلچسپي جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر موجب، ليبيا جي ڪمانڊر خليفا حفتر پاڪستان جي فوج جي پيشه ورانه صلاحيت جي تعريف ڪئي ۽ پاڪستان سان دفاعي لاڳاپن کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو