اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيف آف ڊفينس فورسز جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،ايوان صدر جي پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي منظوري کان پوءِ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جي طور تي مقرري جي سمري ايوان صدر ڏانهن موڪلي ھئي، صدر آرمي چيف جي چيف آف ڊفينس فورسز جي طور تي 5 سالن لاءِ مقرري جي منظوري ڏني، صدر ايئر چيف مارشل ظهير احمد سدھو جي مدت ۾ 2 سالن جي واڌ جي منظوري ڏني،پڌرائي موجب ايئر چيف جي وڌايل مدت 19 مارچ 2026 کان شروع ٿيندي، صدر آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جي ڪامياب مدت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو،فيلڊ مارشل عاصم منير چيف آف آرمي اسٽاف سان گڏ چيف آف ڊفينس فورسز به هوندو، هي مقرري پنجن سالن جي عرصي لاءِ آهي،فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان جي دفاعي فوجن جو پهريون سربراهه آهي…… ياد رھي تھ ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جي طور تي مقرري جي سمري منظوري کان پوءِ ايوان صدر ڏانهن موڪلي، وزيراعظم آفيس چيو تھ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز هوندو،هي مقرري پنجن سالن جي عرصي لاءِ آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملڪ جو پهريون چيف آف ڊفينس فورسز هوندو، وزيراعظم شهباز شريف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي مدت ۾ ٻن سالن جي واڌ جي به منظوري ڏني، هي واڌ مارچ 2026 ۾ سندس موجوده پنج سالن جي مدت جي مڪمل ٿيڻ تي لاڳو ٿيندي. هو 2021 ۾ ايئر چيف ٿيو هو ۽ کيس 2024 ۾ هڪ سال جي واڌ ملي هئي. 27 هين آئيني ترميم موجب فوج جي اسٽرڪچر ۾ هي تبديلي آئي آهي. اڳ ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جو هيڊ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽف هوندو هو، اهو عهدو ختم ڪيو ويو آهي. نئين قانون بعد جڏهن آرمي چيف ۽ سي دي ايف طور فيلڊ مارشل جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو ته ان بعد هو هو نائب آرمي چيف ۽ ڪمانڊر اسٽريٽيجڪ ڪمانڊ جي قترري جي سفارش ڪندو.










