اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته فيض آباد ڌرڻي جو تعلق ختم نبوت سان نه پر حڪومت جي خاتمي سان هو. فيض آباد ڌرڻي ڪميشن ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته 22 نومبر 2017 تي ڊي جي سي فيض حميد کي ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ فوجي قيادت به موجود هئي. ان ڳالهه جو ڪو ثبوت ناهي ته ڌرڻي ۾ آءِ ايس آءِ ملوث هئي.هن وڌيڪ چيو ته ڪميشن اڄ طلب ڪيو آهي، سوالنامو ڏنو ويو، جن جا جواب تيار ڪري ڏنا ويندا.احسن اقبال جو اهو به چوڻ آهي ته حڪومت جو خيال هو ته معاهدي تي فوج جي ڪنهن اعليٰ آفيسر کي دستخط نه ڪرڻ گهرجن، ٽي ايل پي ۽ پي ٽي آءِ جي پروپيگنڊا جو مقصد ن ليگ کي نشانو بڻائڻ هو.احسن اقبال چيو آهي ته قانون واري وزير جي استعيفيٰ ممڪن نه هئي، پوءِ خبرون هيون ته مسلڪ جي بنياد تي افراتفري جو خطرو آهي. اجلاس ۾ حڪومت جو خيال هو ته قانون واري وزير جي استعيفيٰ ممڪن ناهي، ان وقت مقامي سطح تي فسادن جو خطرو آهي.احسن اقبال جو اهو به چوڻ آهي ته جڏهن معاهدو ٿي رهيو هو ته فيض حميد کي اجلاس ۾ معاملي کي حتمي نتيجي تائين پهچائڻ لاءِ چيو ويو هو، اهو سمورو واقعو نواز شريف جي نااهلي سان شروع ٿيو هو، جنهن جو حصو هو، حڪومت کي هٽائڻو هو.










