فيصل آباد (ويب ڊيسڪ)فيصل آباد ۾ اٽي جي اگهه ۾ واڌ ٿي وئي آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب فيصل آباد ۾ اٽي جي في ڪلو قيمت ۾ 10 رپيا واڌ ٿي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ 200 رپيا واڌ ٿي وئي آهي.اگهه ۾ واڌ کانپوءِ اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 1350 کان 1400 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.










