فوڊ اٿارٽي جون ڪارروائيون، ڀڃڪڙي ڪندڙڻ تي لکين رپيا ڏنڊ

فوڊ اٿارٽي جون ڪارروائيون، ڀڃڪڙي ڪندڙڻ تي لکين رپيا ڏنڊ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ فوڊ اٿارٽي جون ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو ۽ ڪوٽڙي ۾ ڪارروائيون، غير معياري کاڌ خوراڪ جو سامان وڪرو ڪندڙن تي 8 لک روپيا ڏنڊا لڳايو ويو، حيدرآباد جي 6 کان وڌيڪ اسپتالن ۽ اسريٰ يونيورسٽي کي ڪينٽين ۾ صفائي ۽ کاڌي جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا، ڊي جي فوڊ اٿارٽي حيدرآباد جي مان جي اسپتال، هاشمي اسپتال، آغا خان، جيجل ماءُ ۽ سول اسپتال جو دورو ڪيو ڪوٽڙي سائيٽ ۾ هڪ آئل ڪمپني تي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڇاپو، 5 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو ڪوٽڙي ۾ چانهن جي هوٽلن تي ڇاپا هڻي ملاوٽي کير استعمال ڪرڻ ۽ صفائي نه هئڻ تي هڪ لک روپين جو ڏنڊ لڳايو ويو، ڄامشورو ۾ يونيورسٽي جي ڪينٽين جي چيڪنگ دوران ملاوٽ جو کير ملڻ ۽ صفائي نه هئڻ تي 50 هزار روپيا ڏنڊ رکيو ويو،ڪوٽڙي سائيٽ ۾ سونف اجوائن ۽ ميٿي ٺاهيندڙ فيڪٽري تي 2 لک روپيا ڏنڊ، ڪراچي سپر هاءِ وي تي صفائي جو خيال نه رکڻ تي فوڊ اسٽريٽ جو هڪ پورشن سيل ڪيو، ٺٽي ۾ آئيس فيڪٽريز تي ڇاپن دوران قانون جي ڀڃڪڙين تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو