اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) گهرو وزارت بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته پاڪ فوج ۽ انهي جي سربراهه تي تنقيد بليڪ ميلنگ آهي يا پوءِ هي ماڻهو ٻيهر ڪنهن جي ڪلهي ذريعي اقتدار چاهين ٿا.پنهنجي وڊيو بيان ۾ طلال چوڌري چيو ته عوام پشاور ۾ پي ٽي آءِ جلسي ۾ انهي جو حال ڏسي ورتو آهي، پشاور جلسي ۾ سواءِ گارين ۽ تنقيد جي ڪجهه نه هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر انهي جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون چيون پشاور جي جلسي ۾ ثابت ٿي ويو ته هي اصل ۾ اهي ئي آهن.طلال چوڌي چيو ته ڪنهن جي ڪلهي تي ويهي اقتدار تائين پهچندڙ اڄ ادارن جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن. معرڪه حق ۾ دشمن کي شڪست ڏيندڙ پاڪ فوج کي تنقيد جو نشانو بنايو ويو. پي ٽي آءِ جي پشاور واري جلسي ۾ ادارن تي الزام تراشي ڪئي وئي ۽ روز پي ٽي آءِ باني جي ايڪس بينڊل سان ملڪي ادارن خلاف تمام گهڻي تنقيد ڪئي ويندي آهي، ڪيستائين ڪير خاموشي اختيار ڪري سگهي ٿو.مملڪتي وزير پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته فوج ۽ انهي جي سربراهه تي تنقيد بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ ڪئي پئي وڃي، هي ٻيهر ڪلهن تي ويهي اقتدار حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. پاڻ کي سڀني کان ضروري ۽ اهم سمجهندڙ ذهني مريض ئي ٿي سگهي ٿو. هاڻ ڳالهين جي دعوت نه ڏني ويندي.طلال چوڌري چيو ته هي ماڻهو اڊياله جيل ۾ قيد ٻين قيدين جي لاءِ به خطرو بڻجي رهيا آهن. هنن جيڪڏهن هاڻ اڊياله جيل جي ٻاهران تماشو ڪيو يا جيل ۾ قيد ٻين قيدين جي لاءِ خطرو بڻجندا ته قيدين کي اتي رکيو ويندو جتي اهي محفوظ هجن. شو بازي ڪندڙن کي ٻڌايو ويندو ته قانون جي عملداري ڪيئن ٿيندي آهي.هن چيو ته هن پارٽي جو تڪيه ڪلام بڻجي چڪو آهي ته پاڪستان جي ادارن تي تنقيد ڪئي وڃي. ذهني مريض ڪڏهن به ملڪ جي حق ۾ ڳالهه نه ڪندو. ذهني ميريض سان ڪنهن کي به فيض حاصل نه ٿيندو. انهي ٽائيم تي ڪلها نه هجن ها ته هو وزيراعظم به نٿي بڻجي سگهيو. جيڪي هريپور جون چونڊون نه کٽي سگهيا اهي لاهور ۽ فيصل آباد ۾ ڪهڙو مقابلو ڪندا.










