اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلين ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن، جن تي ٻڌڻي ترتيب وار 8 ۽ 9 جولاءِ تي ٿيندي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بئنچ 8 جولاءِ تي فوجي عدالتن ۾ سويلين ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ 9 جولاءِ تي سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي حتمي ٻڌڻي ڪندي.










