فوجي حراست ۾ ڏيڻ کان روڪيو، خان جي درخواست داخل

فوجي حراست ۾ ڏيڻ کان روڪيو، خان جي درخواست داخل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني عمران خان 9 مئي ڪيسن ۾ ملٽري ڪورٽ ٽرائل جي لاءِ پاڻ کي فوجي حراست ۾ نه ڏيڻ جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.عمران خان طرفان وڪيل عزيز ڪرامت ڀنڊاري جي ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڪئي وئي جنهن ۾ سيڪريٽري قانون، گهرو سيڪريٽري ۽ وفاق کي ڌر بنايو ويو آهي.ان کان علاوه آءِ جي اسلام آباد، آءِ جي پنجاب، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ آءِ جي جيل کي به درخواست ۾ ڌر بنايو ويو آهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ باني کي فوجي تحويل ۾ ڏيڻ کان روڪيو وڃي. يقيني بنايو وڃي ته پي ٽي آءِ باني سويلين تحويل ۾ رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو