لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي شوبز انڊسٽري جي سينئر اداڪاره ميِرا انڪشاف ڪيو آهي ته فلم “سائڪو” جو اهم ڪردار ليجنڊ اداڪار شان شاهد پنهنجي لاءِ لکيو هو، جيڪو بعد ۾ مون کي ڏنو ويو۔
تازو ميِرا ۽ شان شاهد هڪ انٽرويو ۾ گڏ نظر آيا، جنهن ۾ ٻنهي سينئر اداڪارن فلم “سائڪو” بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي۔
اداڪاره ميِرا شان شاهد جي تعريف ڪندي چيو ته شان هڪ تمام سٺي فلم ٺاهي آهي، مان اڃا تائين فلم جي ڪردار ۾ آهيان ۽ هاڻي مان پنهنجي ڪردار مان ٻاهر نڪرڻ چاهيان ٿي۔
هن چيو ته مان ڊائريڪٽر-اداڪاره آهيان، جيڪڏهن توهان مون کي سٺو ڊائريڪٽر نه ڏئي سگهو ته پوءِ مون کي فلم ۾ ڪاسٽ ئي نه ڪيو۔
ميِرا وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته شان شاهد “سائڪو” جو اهم ڪردار پنهنجي ڪنهن فلم ۾ ڪرڻ چاهيو پئي، پر فلم جو سڀ کان وڏو ڪردار هن مون کي ڏئي ڇڏيو۔
ميِرا جي ڳالهه جي تصديق ڪندي شان شاهد چيو ته “سائڪو” جو ڪردار مون پنهنجي لاءِ لکيو هو، مان سوچيندو هئس ته جيڪڏهن مان پاڻ سائڪو هجان ته اهو ڪردار ڪيئن ڪندس، پر پوءِ مون اهو ڪردار ميِرا کي ڏئي ڇڏيو۔
واضح رهي ته جيو فلمز جي بينر هيٺ ٺهندڙ فلم “سائڪو” گذريل ڏينهن سينيما گهرن ۾ رليز ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڪاسٽ ۾ سپر اسٽار شان شاهد، سونيا حسين، ميِرا، شبير جان ۽ ٻيا اداڪار شامل آهن۔










