غزه )ويب ڊيسڪ)غزه ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف برطانيه ۾ به وڏو مظاهرو ڪيو ويو. لنڊن ۾ هزارين ماڻهن اسرائيلي حملن جي يارهين مهيني فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.مظاهرين فلسطيني جهنڊا کڻي روڊن تي مارچ ڪيو.اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي بند ڪرڻ ۽ غزه تي اسرائيلي حملا بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.ان کان علاوه سويڊن جي راڄڌاني اسٽاڪهوم ۾ به احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن غزه ۾ اسرائيل جي جنگي ڏوهن جي خاتمي جو مطالبو ڪيو.










