فرينڊشپ فار ايور گروپ پاران شرجيل شيخ جي سالگره ملھائي وئي

فرينڊشپ فار ايور گروپ پاران شرجيل شيخ جي سالگره ملھائي وئي

شڪارپور (رپورٽ عبدالخالق سومرو) فرينڊشپ فار ايور گروپ پاران شرجيل شيخ جي سالگره ملھائي وئي، خبر موجب: فرينڊشپ فار ايور گروپ شڪارپور پاران فرينڊشپ فار ايور گروپ جي ميمبر، شيخ اياز يونيورسٽي جي آفيسر ۽ معزز شخصيت شرجيل شيخ جي ٽيھين سالگرہ جي موقعي تي شڪارپور جي ھڪ مقامي ھوٽل ۾ شاندار تقريب جو انعقاد ڪيو ويو، جتي فرينڊشپ فار ايور گروپ جي ميمبرن زاھد ڀنڀرو، ظفر چنہ، وحيد ڦلپوٽو، خالد سومرو، سجاد سيٺار، عديل علوي، عبدالخالق سومرو، عرفان ملڪ ۽ ٻين پاران ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ شرجيل شيخ کي گلن جا ھار پارائي جنم ڏينھن جون مبارڪون ڏنيون ويون، ان موقعي تي فرينڊشپ فار ايور گروپ جي اڳواڻن زاھد ڀنڀرو، وحيد ڦلپوٽو، عبدالخالق سومرو ۽ ٻين جو چوڻ ھو تہ شرجيل شيخ شڪارپور جو ھڪ معزز شخص ھئڻ سان گڏوگڏ ھڪ سلڇڻو انسان آھي، جنھن تعليم جي ميدان ۾ هميشه سٺو ڪردار ادا ڪيو آھي، ان موقعي تي شرجيل شيخ جي مان ۾ ڊنر جو اهتمام پڻ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو