فردوس جمال پاران شاهه رخ خان بابت بيان تان يوٽرن

فردوس جمال پاران شاهه رخ خان بابت بيان تان يوٽرن

لاهور (نيوز ڊيسڪ): پنهنجي متنازع بيانات سبب اڪثر خبرن ۾ رهندڙ پاڪستان جو سينئر اداڪار فردوس جمال بالي ووڊ سپراسٽار شاهه رخ خان بابت ڏنل پنهنجي اڳوڻي سخت تنقيدي بيان تان مڪمل طور يوٽرن وٺي ڇڏيو آهي.هڪ تازو انٽرويو دوران فردوس جمال وضاحت ڪندي چيو ته هن شاهه رخ خان خلاف ڪجهه ناهي چيو، هو شاهه رخ خان جو مداح آهي ۽ هو هڪ بهترين اداڪار هئڻ سان گڏ دليپ ڪمار جي فني روايتن جو تسلسل آهي. هن چيو ته سکڻ ۽ نقل ڪرڻ انسان جي فطرت آهي، ان کي منفي نٿو ڏسي سگهجي.اداڪاره ماهرہ خان بابت سوال تي فردوس جمال چيو ته ماهرہ خان منهنجو مسئله ناهي، نه هوءَ منهنجي اهليه آهي ۽ نہ ئي منهنجي خاندان جو حصو، تنهن ڪري کيس هن معاملي ۾ گھلڻ بند ڪيو وڃي.ياد رهي ته ان کان اڳ فردوس جمال شاهه رخ خان جي اداڪاري، تلفظ ۽ جسماني ٻوليءَ تي سخت تنقيد ڪندي چيو هو ته هو هڪ سٺو اداڪار ناهي ۽ رڳو اسٽار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو