لاهور)ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ انٽرنيٽ جي بندش ۽ فائر وال لڳائڻ بابت درخواست اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس چوڌري محمد اقبال سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي بندش ۽ فائر وال لڳائڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي.عدالت چيو ته اهڙو ئي ڪيس جسٽس شڪيل احمد ٻڌي رهيو آهي جنهن کانپوءِ درخواست کي جسٽس شڪيل احمد جي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.لاهور هاءِ ڪورٽ انٽرنيٽ جي بندش ۽ فائر وال لڳائڻ بابت درخواست اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا ايپس بنا ڪنهن اطلاع ۽ سبب جي بند ڪيون ويون آهن، سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ فوري طور تي بحال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن.










