غزه اپارٽيمينٽ تي اسرائيلي بمباري، ٻارڙن سميت 3 ڄڻا فوت

غزه اپارٽيمينٽ تي اسرائيلي بمباري، ٻارڙن سميت 3 ڄڻا فوت

غزه (ويب ڊيسڪ)غزه شهر ۾ هڪ رهائشي اپارٽمنٽ تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ هڪ ٻار سميت 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا.عرب ميڊيا موجب اسرائيلي آپريشن ۾ امدادي ٽرڪن جي استعمال ۽ غزه جي سامونڊي پٽي تي عارضي آمريڪي بندرگاهه هئڻ جا به اطلاع مليا آهن پر آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ آمريڪي بندرگاهه جي استعمال جي ترديد ڪئي آهي.عرب ميڊيا موجب آپريشن ۾ آمريڪي حمايت ثابت ڪري ڇڏيو ته آمريڪا اسرائيل جي جنگي ڏوهن ۾ برابر جو شريڪ آهي.ٻئي طرف گڏيل قومن ۽ يورپي يونين نصرت ڪيمپ ۾ قتل عام جي مذمت ڪندي واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو