غزه (ويب ڊيسڪ)غزه جي رهائشي علائقن تي اسرائيلي حملن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 40 فلسطيني شهيد ٿي ويا.اسرائيلي فوج اتر غزا ۾ 2 فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.والاريل ڪشمير ۾ اسرائيلي فوج جو آپريشن جاري آهي، جنهن ۾ حماس ڪمانڊر سميت 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته اسرائيلي آبادگارن فلسطينين جي گهرن ۽ گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.ٻئي طرف گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي وزير اسرائيلي هم منصب سان رابطو ڪيو، جنهن ۾ غزه جي انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پائيدار جنگ بندي لاءِ عالمي ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










