غزه جنگبندي بابت قطر،مصر،حماس ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ جنگ بندي واري معاملي تي قطر، مصر، حماس ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، اسرائيل به پنهنجو وفد قاهره روانو ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي جو سربراهه وليم برنز اڄ قاهره کان اسرائيل پهچندو، جتي وليم برنس اسرائيلي وزيراعظم ۽ ٻين عملدارن سان ملاقاتون ڪندو.ٻئي طرف قاهره ۾ قطر، مصر، حماس ۽ آمريڪا وچ ۾ غزه جنگبندي واري معاملي تي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته اسرائيل به پنهنجو وفد قاهره موڪليو.

پهنجو تبصرو موڪليو