ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ ذوالحج جي چنڊ جي حوالي سان موسميات کاتي جي اڳڪٿي سامهون اچي وئي.چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب ذوالحج جي چنڊ جي پيدائش 6 جون تي شام 5 لڳي 38 منٽن تي ٿيندي.هن ٻڌايو ته 7 جون تي چنڊ جي عمر 26 ڪلاڪن کان وڌيڪ هوندي، 7 جون تي چنڊ نظر اچڻ جو چٽو امڪان آهي. ان حساب سان جيڪڏهن ذوالحج جو چنڊ جمعي تي نظر اچي ٿو ته عيدالاضحيٰ 17 جون سومر تي ٿيندي.










