عورتن لاءِ پنڪ بس سروس جا نوان روٽ شروع ڪرڻ جو اعلان

عورتن لاءِ پنڪ بس سروس جا نوان روٽ شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي شهر ۾ رهندڙ عورتن جي لاءِ سنڌ حڪومت طرفان وڏي خوشخبري جو اعلان ڪيو ويو آهي. سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ پنڪ بس سروس جي لاءِ روٽ شروع ڪيو پيو وڃي. اهو نئون روٽ 17 نومبر 2025ع کان شروع ٿيندو جيڪو عبدالله چوڪ کان نمائش تائين هوندو.هن ٻڌايو ته شروعات ۾ اها سروس 3 مخصوص وقتن ۾ دستياب هوندي جن ۾ صبح 8 کان 9 وڳي، ٻنپهرن جو 1 کان 2 وڳي ۽ شام 5 کان 7 وڳي تائين عورتون سفر ڪري سگهنديون. صرف عورتن جي لاءِ مخصوص سروس ۾ سفر جي دوران آرام، تحفظ ۽ بهتر انتظامن کي اوليت ڏني ويندي.شرجيل ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ عورتن کي روزانه سفر جي دوران جن پريشانين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي اها سروس انهن جي پريشانين کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته عورتون اعتماد سان پنهنجون تعليمي، نوڪري ۽ ذاتي معاملا بهتر طريقي سان اڪلائي سگهن. سينئر صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته بسن ۾ سيڪيورٽي، ٽريڪنگ سسٽم ۽ تربيت يافته عملي جي سهوليت موجود هوندي. مسقبل ۾ انهي سروس کي ٻين علائقن تائين وڌائڻ جو به منصوبو آهي. هن چيو ته اهو قدم عورتن جي لاءِ محفوظ شهري ماحول طرف هڪ اهم قدم آهي، سنڌ حڪومت آئنده به عورتن کي سهوليتون ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻندي رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو