اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ ڪيس ۾ عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج افضل مجوڪا پي ٽي آءِ جي 6 باني ۽ بشيرا بي بي جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عمران خان جو وڪيل زاهد بشير عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل زاهد بشير ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته سينيئر وڪيل لاهور ۾ ٻين ڪيسن ۾ مصروف آهي، سلمان صفدر اڄ عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي.جنهن بعد عدالت پي ٽي آءِ جي باني 6 ۽ بشرا بي بي جي عبوري ضمانت ۾ 21 آڪٽوبر تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.










