خان جي ڀينرن جو دهشتگردي جي ڪيس ۾ جسماني ريمانڊ منظور

خان جي ڀينرن جو دهشتگردي جي ڪيس ۾ جسماني ريمانڊ منظور

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت عمران خان جي ڀينرن کي هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن سميت 105 ڪارڪنن جي خلاف ڪوهسار ٿاڻي ۾ دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪرڻ جي ٻڌڻي ٿي.عليمه خان، عظميٰ خان، اسد قيصر جي ڀاءُ عدنان خان کي ڊيوٽي جج اظهر نديم جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پوليس طرفان جوابدارن جي 20 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي جڏهن ته ٻين 9 عورت ڪارڪنن کي جوڊيشل ريمانڊ تي اماڻڻ جي استدعا ڪئي وئي.عدالت عليمه خان، عظميٰ خان ۽ عدنان سميت پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو هڪ ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو جڏهن ته 9 عورت ڪارڪنن کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو