ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو اهم بيان۾ چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي دٻاءُ کي منهن ڏيڻ ۽ اليڪشن ڪميشن جي موقف تي قائم رهڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر ساراهه جو مستحق آهي تڪراري ڪردار مان آئيني ڪردار تي منتقلي لاءِ سمورن ادارن جي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا مون کي ڇو نه بچايو“ مهم ذريعي عمران خان جي سياست هاڻي ادارن کي نشانو بڻائڻ آهي عمران خان جي سياست ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا تي ٻڌل آهي عوام کي خبر آهي ته عمران خان جو اليڪشن ڪميشن ۽ پي ٽي آءِ حڪومت جي چونڊيل سربراهه کي نشانو بڻائڻ جو واحد سبب اهو آهي ته هن ايجنسي کي عمران خان جي ٽائيگر فورس ۾ تبديل ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجي اداري ۽ آئين تي قائم آهي ۽ جيڪڏهن ائين ئي رهيو ته اميد آهي ته مستقبل ۾ هڪ مضبوط اليڪشن ڪميشن ڏسڻ ۾ ايندي عمران خان جو اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاج جو اعلان اصل ۾ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو نه اچڻ تي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ دٻاءُ وجهڻ جي سازش آهي عمران خان جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون ۽ سچ جي فتح ٿيندي










