اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ عابد شير علي چيو آهي ته عمران خان ته اڊياله جيل ۾ مزا ڪري رهيو آهي، انهي کي سبي جيل ۾ رکو، هٿڪڙي لڳائي اٽڪ قلعي جي چوديواري ۾ رکو جيئن نوازشريف کي مهينن تائين رکيو ويو ته خبر پوي ته جيل ڪنهن کي چوندا آهن.اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عابد شير علي چيو ته ڀارت ۾ عورت جو نقاب لاهڻ جي مذمت ڪريون ٿا، ڀارت ۾ وحشي ماڻهو ڌيئرن، ڀينرن تي هٿ کڻندا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي لاءِ رات جي اونداهي ۾ احتجاج ڪيو وڃي ٿو، ڏوهارين سان ڏينهن جو ملاقات ٿيندي آهي.هن چيو ته جيڪڏهن رات جي اونداهي ۾ ڪو واقعو ٿي وڃي ته حڪومت جي ذميواري آهي ته انهي کي روڪي، دهشتگردي جو واقعو جيڪو ٿيو ته انهي جو ذميوار ڪير هوندو؟عابد شير علي چيو ته هر روز جيل جي قيدي سان ملاقات نٿي ٿي سگهي، پي ٽي آءِ باني کي سبي جيل ۾ اڇليو يا اٽڪ قلعي ۾ رکو، جيئن نوازشريف کي رکيو ويو ائين پي ٽي آءِ باني کي رکيو وڃي ته جيل جي خبر پوندي.هن چيو ته ٻين قيدين کي نه ديسي ڪڪڙ جي يخني ملندي آهي نه ورزش جون سهولتون، عمران خان وٽ 5 ڪمرا آهن هو جيل ۾ رهي مزا ڪري رهيو آهي انهي کي سبي جيل ۾ اڇليو، هٿڪڙي لڳائي اٽڪ قلعي جي چوديواري ۾ رکو، جيئن نوازشريف کي مهينن تائين رکيو ويو ته خبر پوي ته جيل ڪنهن کي چوندا آهن.










