ڄامشورو(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مزاحيه اداڪارن علي گل ملاح ۽ سهراب سومرو سان خوفناڪ حادثو پيش آيو آهي ڄامشورو پل وٽ حادثو پيش آيو، ٽرالر اداڪارن جي گاڏي کي پٺيان ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ علي گل ملاح ۽ سهراب سومرو معمولي زخمي ٿيا، جڏهن ته سندن گاڏي تباهه ٿي وئي علي گل ملاح ۽ سهراب سومرو موجب شو ۾ شرڪت لاءِ نوابشاهه پئي وياسين ته حادثو پيش آيو، معمولي زخم رسيا آهن حادثي بعد موٽر وي پوليس ٽرالر ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو ٻئي پاسي مزاحيه اداڪار اصغر کوسو واقعي واري هنڌ پهچي علي گل ۽ سهراب سان ملاقات ڪري حادثي جا تفصيل ورتا










