علي زيدي جي ضمانت منظور، پپي پي زرداري مافيا آهي:زيدي

علي زيدي جي ضمانت منظور، پپي پي زرداري مافيا آهي:زيدي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي زيدي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.ڊي سي آفيس ڪيماري ۾ ڊي آر او آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ هڙتال ڪيس ۾ نامزد جوابدار علي زيدي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي جي 30 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت واري درخواست منظور ڪندي پوليس کي 28 جنوري تائين جوابدارن جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي بلال غفار، سعيد آفريدي ۽ ٻين جي ضمانت منظور ٿي چڪي آهي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي چيو ته هو لوڪل گورنمينٽ لاءِ حافظ نعيم الرحمان سان رابطي ۾ آهن، حافظ نعيم الرحمان سڀاڻي اسان وٽ اچي رهيو آهي، ساڻس ملاقات کانپوءِ معاملو اٿاريو ويندو. حتمي ڪيو ويندو علي زيدي چيو ته هاڻ پيپلز پارٽي زرداري مافيا آهي، ان سان ڪا به ڳالهه نه ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو