علي امين گنڊاپور پارٽي سرگرمين کان غائب

علي امين گنڊاپور پارٽي سرگرمين کان غائب

پشاور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻو وڏو وزير علي امين گنڊاپور وزارت اعليٰ تان استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ پارٽي سرگرمين کان غير حاضر آهي ۽ پارٽي کان مالي مدد به روڪي ڇڏي آهي.پارٽي ذريعن موجب، علي امين گنڊاپور ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پشاور ۾ موجود نه هو، اڄ جي ريلي ۾ حصو نه ورتو ۽ اسلام آباد ۾ اسيمبلي ميمبرن جي احتجاج ۾ شامل نه ٿيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور پارٽي جي اهم اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪري رهيو آهي ۽ پارٽي جي اڪثر اڳواڻن سان رابطو به ڪٽي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو