علم جو ڏيئو  ٻاريندڙ استاد مولا بخش لاڙڪ فوت

علم جو ڏيئو ٻاريندڙ استاد مولا بخش لاڙڪ فوت

پير ڳوٺ (ن سنڌيار) استاد مولا بخش لاڙڪ خيرپور ۾ تعليم جي ترقيءَ لاءِ سڄي ڄمار پاڻ پتوڙيو. سندس اڳواڻي ۾اٽڪل 15 سال اڳ نووا پرڀات جي نالي سان هڪ پروجيڪٽ شروع ٿيو. ان پروجيڪٽ تحت ڀٽائي سوشل واچ اينڊ ايڊووڪيسي (BSWA) پاران نووا سان گڏجي تعلقي ڪنگري جي ڳوٺ صدر جي ڀٽيون ۾ نياڻين جي پرائمري تعليم لاءِ ٻن اسڪولن جو بنياد سندس ئي رهنمائي ۽ سهڪار سان رکيو ويو. بسوا پاران ڳوٺاڻن جي سهڪار سان پلاٽ ۽ 10 ڪمرن، چارديواري، ورانڊي ۽ واش روم تي مشتمل 2 اسڪولن جي عمارتن جي اڏاوت ڪرائي. جڏهن ته بعد ۾ نووا پاران وقت بوقت عمارتن ۾ واڌارو ۽ سڌارو ٿيندو رهيو آهي. هن وقت تائين انهن اسڪولن مان هزارين نياڻين تعليم حاصل ڪئي آهي. هن وقت به ٻنهي اسڪولن ۾ ميٽرڪ تائين تعليم ڏني پئي وڃي. پٺتي پيل علائقن جي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ استاد مولا بخش لاڙڪ جو اهم ۽ بنيادي ڪردار رهيو آهي جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. پاڻ هميشه ننڍين تنظيمن جي ڪارڪنن کي تعليم جي واڌاري ۽ سماجي جاڳرتا لاءِ همٿائيندو رهيو ۽ مشڪلاتن ۾ حوصلي ۽ همت سان ڪم ڪرڻ جي ترغيب پڻ ڏيندو رهيو. اسان سمجهون ٿا ته سال 15-2014 ۾ سندس هٿان مليل ايوارڊ اسان کي سڀني مليل ايوارڊن کان مٿاهون آهي ۽ اسان لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي. سندس اوچتي وڇوڙي تي بسوا جي سموري ٽيم سندس گهر ڀاتين ۽ سندس تنظيم جي ساٿين سان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو