لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري جي جعلي وڊيو خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.وفاقي حڪومت جي وڪيل عظميٰ بخاري ڪيس بابت ڪارڪردگي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. چيف جسٽس عاليه نيلم پڇاڻو ڪيو ته عظميٰ بخاري ڪيس ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ پبلڪ پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته اسان ان حوالي سان فيس بڪ ۽ واٽس اپ کي خط لکيا پر ڪو به جواب نه مليو، ان حوالي سان مختلف ڪمپنين کي لکيو آهي، وڊيو شيئر ڪرڻ ۾ ملوث 33 اڪائونٽس جي نشاندهي به ڪئي آهي درخواستگذار عظميٰ بخاري جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته انهن مان صرف هڪ کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن وڊيو شيئر ڪئي، هن جي سڀاڻي ضمانت واري درخواست لڳل آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته سوشل ميڊيا بابت ڪهڙا ضابطا آهن؟ عدالت وڪيلن جا حتمي دليل طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 5 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










