اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪمران پارٽي مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر ۽ مشهور ڪالم نگار مرحوم عرفان صديقي جي سينيٽ جي جنرل سيٽ لاءِ چونڊ 9 ڊسمبر تي ٿيندي.اليڪشن ڪميشن موجب، مرحوم عرفان صديقي جي سينيٽ سيٽ لاءِ چونڊ پنجاب اسيمبلي ۾ ٿيندي. نامزدگي ڪاغذ 20 ۽ 21 ڊسمبر تي جمع ڪرائي سگهجن ٿا.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 25 نومبر تائين ڪئي ويندي، اپيلن تي فيصلو 29 نومبر تائين ڪيو ويندو، جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي تاريخ 1 ڊسمبر آهي.اليڪشن ڪميشن موجب، پولنگ 9 ڊسمبر تي پنجاب اسيمبلي ۾ صبح 9 وڳي کان شام 7 وڳي تائين ٿيندي.










