حڪمن تي عمل نه ڪرڻ  تي  ايم ڊي ڪارپوريشن جا وارنٽ جاري

حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي ايم ڊي ڪارپوريشن جا وارنٽ جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ جي ڪيس ۾ ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.جسٽس فيصل آغا جي سربراهي ۾ عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر به عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران عدالت ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي لاڳاپيل ايس ايس پي کي گرفتاري وارنٽ جي تعميل جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. عدالت چيو ته ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن جا هڪ ڪروڙ رپين جا ضمانتي مچلڪا جاري ڪري ڇڏيا آهن، سنڌ حڪومت ۽ واٽر ڪارپوريشن کان وضاحت طلب ڪئي وئي آهي ته اهي معاملا هن وقت تائين حل ڇو ناهن ڪيا ويا. لاڳاپيل ايس ايس پي عدالتي حڪم تي عملدرآمد بابت رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي.جنهن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ مهلت واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو